شب ڪوري

شب ڪوري (Night blindness): انسان جي اکين جي بهترين صلاحيت ۽ صحتمندي اها آهي ته اهي روشنيءَ مان گذري اوندهه ۾يا گهٽ روشنيءَ ۾ به شين کي ڏسي سگهن ٿيون، پر جڏهن ائين نه ڪري سگهن ته اکين جي اهڙيءَ حالت کي ‘شب ڪوري’ سڏجي ٿو. ‘شب ڪوريءَ’ کي انگريزيءَ ۾ نائيٽ بلائينڊنيس (Night blindness) ۽ طبي ٻوليءَ ۾ ‘نڪٽئلوپيا’ (nyctalopia) سڏجي ٿو، جيڪو يوناني ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جنهن جي معنيٰ: ‘نابينائپ’ يا ‘ڏسي نه سگهڻ’ آهي. شب ڪوريءَ جي حالت ۾ متاثر ماڻهو گهٽ روشنيءَ يا رات جو تڪليف سان يا بنهه ڏسي نه ٿو سگهي. اصل ۾ ‘شب ڪوري’ اک جي ڪا بيماري نه، پر ڪيترين بيمارين يا روڳن جي هڪ نشاني يا اشارو آهي، جيڪو سنگين به ٿي سگهي ٿو. شب ڪوريءَ جو شڪار فرد ڏينهن جو ته عام رواجي طرح ڏسي سگهي ٿو، پر رات جو تقريباً نابين ٿي وڃي ٿو. شب ڪوريءَ سبب ڪيترائي فرد ايترو ته متاثر ٿين ٿا، جو کين رات جي وقت ۾ عينڪ استعمال ڪرڻي پوي ٿي. شب ڪوري انتهائي تڪليف واري ۽ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي، خاص طور تي جڏهن رات جي وقت ۾ ڊرائيونگ ڪجي يا پنڌ هلجي ٿو ته پنهنجي اڳيان وارين شين کي ڏسي نه ٿو سگهجي. شب ڪوريءَ جي ابتڙ جڏهن تيز روشنيءَ ۾ ڏسي نه سگهجي ته، ان حالت کي ‘هيميرالوپيا’ (hemeralopia) سڏجي ٿو.
عام طور تي جڏهن ڏسجندڙ شيءِ تان روشنيءَ جا ترورا اک جي پڇڙ ۾ موجود تنتي پڙدي/ ريٽينا (retina) تي اچي پون ٿا ته اتي ان جو عڪس پيدا ٿئي ٿو، اونداهي ماحول ۾ انسان جي اک جي ماڻڪي (pupil) قدرتي طور تي ڦنڊي وڌيڪ روشنيءَ کي اک ۾ داخل ٿيڻ ڏئي ٿي. انسان جي ريٽينا ۾ ٻن قسمن جا سيل: ‘ڪون’ (cones) ۽ ‘راڊ’ (rods) ٿين ٿا، جيڪي روشني پَسائين ٿا. ‘ڪون’ سيلن جو ڪم تيز روشنيءَ ۾ رنگ ۽ ان جون تفصيلي تصويرون پسائڻ آهي. ‘راڊ’ سيل جيتوڻيڪ گھٽ روشنيءَ ۾ به سٺيءَ طرح سان ڪم ڪري سگهن ٿا، پر تنهن هوندي به پسجندڙن تصويرن جا رڳو ڪارا ۽ سفيد چٽِ ۽ اهي به اڻ چٽا ڏيکارين ٿا.
شب ڪوري پيدا ٿيڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جھڙوڪ: ‘موتيو پاڻي’ (cataract)، عمر وڌڻ سان اک جي بلور (lens) جو جھڪو ۽ ڌنڌلو ٿيڻ، ذيابيطس، اکين جو خشڪ رهڻ، ‘ريٽينائيٽس پگمينٽوسا’، پري جي نظر گهٽ هئڻ، وٽامن اَي جي کوٽ، جِست جي کوٽ وغيره.
ڌنڌلي ٿيڻ سبب اک ۾ داخل ٿيندڙ روشنيءَ ۾ روڪ پيدا ٿئي ٿي ۽ ان کي ٽوڙي مروڙي ڇڏي ٿي، جنهن سبب چِٽائپ سان ڏسي نه ٿو سگهجي، شب ڪوري ۽ اک جي چوگرد روشنيءَ جا دائرا پيدا ٿيڻ.
مٺا پيشاب/ ذيابيطس (diabetes): رات جو ديد گھٽجي وڃڻ جو هڪ سبب مٺا پيشاب/ ذيابيطس (diabetes) به ٿي سگهي ٿو. ذيابيطس تي ضابطو نه رکڻ جي صورت ۾ اڳتي هلي اک جي تنتي پڙدي کي رت مهيا ڪندڙ نَسن جو ناڪاره ٿيڻ جو خدشو رهي ٿو، جنهن سبب تنتي پڙدو (retinopathy) تباهه ٿي سگهي ٿو.
اکين جو خشڪ رهڻ (dry eyes): جڏهن ڳوڙهن جو مقدار ۽ معيار متاثر ٿي وڃي تڏهن ديد جو معيار خاص طور تي رات جو گھٽجي وڃي ٿو.
ريٽينائيٽس پگمينٽوسا: شب ڪوري ٿيڻ جو هڪ ٻيو سنگين ڪارڻ، ريٽينائيٽس پگمينٽوسا (retinitis pigmentosa) آهي. اهو جيتوڻيڪ مورثي پر خوشقسمتيءَ سان گھٽ پيدا ٿئي ٿو ۽ ان جي ٻالڪپڻي جي شروعات ۾ ئي تشخيص ڪري سگهجي ٿي. ان سبب اک جي راڊ ۽ ڪون سيلن ۾ اهڙو بگاڙ پيدا ٿئي ٿو جو اڳتي هلي ديد ئي ختم ٿي وڃي ٿي. رات جو وڌندڙ شب ڪوري ان جي عام نشاني آهي.
پري جي نظر گھٽ (nearsightedness) هجڻ: ان حالت ۾ جڏهن ان جو تدارڪ نه ڪجي پر جي تدارڪ ڪجي به ته اهڙا ماڻهو پنهنجي ويجھي نظر تڏهن گھٽجندي محسوس ڪن ٿا جڏهن انهن جي ماڻڪيون رات جي وقت ۾ موڪريون ٿيڻ لڳن ٿيون.
وٽامن اَي (vitamin-A) جي کوٽ: دنيا جي خاص طور تي غريب ملڪن ۾ شب ڪوريءَ جو هڪ مکيو ڪارڻ وٽامن اَي جي کوٽ آهي، جيڪا تنتي پڙدي جي صحت برقرار رکڻ لاءِ تمام ضروري ٿئي ٿي، وٽامن اَي جي کوٽ ڪري تنتي پڙدو صحيح طرح سان ڪم ڪري نه ٿو سگهي، جنهنڪري رات جو ديد پوڻ گھٽجي وڃي ٿي.
جِست جي کوٽ (zinc deficiency): اک جي ڪم کي بهتر طرح سان ڪرڻ لاءِ جست، وٽامن اَي سان ٻٽ ٿي ڪم ڪري ٿو. جست جي کوٽ سبب ’شب ڪوري‘ پيدا ٿي سگهي ٿي.
جيڪڏهن پنهنجي خوراڪ ۾ ڳاڙهيون گجرون، ٽماٽا ۽ ساون پنن واريون ڀاڄيون استعمال ڪبيون رهجن ته وٽامن اَي ۽ ڦرين، مڱن ۽ ڪڪڙ کائڻ سان جست جي کوٽ پوري ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن شب ڪوريءَ جو ڪارڻ موتيو پاڻي آهي ته ان لاءِ آپريشن ڪرائي موتيو پاڻي/ ڌنڌليل بلور ڪڍرائي سگهجي ٿو. آپريشن کانپوءِ نظر ۾ ڪافي بهتري اچي ٿي. خشڪ اک جي حالت ۾ اک کي مصنوعي ڳوڙهن رستي گهميل رکڻ سان جلد فائدو ٿئي ٿو. ذيابيطس جي حالت ۾ پنهنجيءَ رت جي کنڊ (blood sugar) تي مڪمل ضابطو رکڻ، چست زندگي گذارڻ ۽ خوراڪ جون سٺيون عادتون اختيار ڪرڻ سان ريٽينوپئٿي کان بچي سگهجي ٿو. ’ريٽينائيٽس پگمينٽوسا‘ جو ڪو به علاج موجود ڪونهي، پر نئين کوجنائن مان ڄاڻ پوي ٿي ته وٽامن اَي جو استعمال اک جي هن بيماريءَ جي واڌ گھٽائڻ ۾ اثرائتو ٿي سگهي ٿو. وٽامن اَي هميشه ڊاڪٽر جي صلاح سان استعمال ڪرڻ گهرجي.


لفظ شب ڪوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو